ماسڪو -01 نومبر (اي پي پي) ر??س ۾ برطانيه جي سفير ڊيبورا برونرٽ پنهنجي سفارتي مشن جو مدو پورو ڪري ورتو آهي. روس جي خابرو اداري برطانوي سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته سفير پنهنجي سفارتي مشن جو مدو مڪمل ڪري ورتو آهي. روس جي عوام لاءِ پنهنجي و??ڊيو خطاب ۾ هن چيو ته هو ۽ سندس ڪٽنب موجوده دور جي تلخ حقيقتن باوجود روس ۽ روس جي شهرين کي ياد ڪندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته روس ۽ برطانيه وچ ۾ ناتا ضرور بحال ٿي و??ندا. واضح رهي ته ڊيبورا برونرٽ جنوري 2020ع ۾ ر??س ۾ پنهنجيون ??فارتي ذميواريون ??روع ڪيون هيون. آگسٽ 2023ع ۾ برطانوي پرڏيهي آفيس نيگل ڪاسو کي روس لاءِ نئون ??فير مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو. امڪان آهي ته هو نومبر 2023ع ۾ عهدي جي چارج سنڀاليندو.
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون