دبئي / اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان پيغمبر اسلام حضرت محمد صه جي انساني برابري جي درس تي عمل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تعليم، قانون تي عملدرآمد ۽ انصاف اسلامي تاريخ جو بنياد آهن، اسان پنهنجي ملڪ کي به انهي بنياد ۽ اصول تي ترقي ڏي?? چاهيون ٿا، قانون تي عملدرآمد ۽ رياست جو جوابده هجڻ يقيني بڻائي رهيا آهيون. وزيراعظم ع??ران خان دبئي ۾ منعقد ورلڊ گورنمينٽ سمٽ 2019ع ۾ گورننس جي ويزن ۽ پاڪستان جي حوالي سان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته هڪ عالمي رانديگر ڪرڪيٽر مان پاڪستان جو وزيراعظم ڪيئن بڻيس؟ هن چيو ته آئون پاڪستان جي ان پهرين نسل سان تعلق رکان ٿو جنهن 1960ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي تيز ترقي کي ڏٺو آهي، 1960ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان ايشيا ۾ تيز ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ شامل هو ۽ ان جي ترقي جي رفتار ترقي پذّير ملڪن جي لاءِ هڪ مثال هو.
تعليم، قانون تي عملدرآمد ۽ انصاف اسلامي تاريخ جو بنياد آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria