اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) وقتي صدر صادق س??جراڻي قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر اسد قيصر سان سندس رهائشگاهه تي ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وقتي صدر اسد قيصر کي اسپيڪر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده صورتحال ۽ پارلياماني معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي سي??ري??ريٽ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر سان ڳالهائيندي قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر چيو ته پارليامينٽ جي عزت وڌائڻ ۽ قومي ايشوز کي پارليامينٽ ۾ بحث هيٺ آڻڻ سمورين سياسي پارٽين جي گڏيل ذميواري آهي. سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي پاڪستان ۾ قانونسازي جو محور آهي.
مضمون کا ماخذ : گرم گرم