اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي چوٿين پارلياماني سال جي شروعات تي حڪومت جي 3 سالا ڪارڪردگي، درپيش چئلينجز ۽ اڳتي جي حڪمت عملي 22 ڪروڙ عوام آڏو رکي، صدر پاڪستان جي ڪامياب پرڏيهي پاليسي، افغانستان ۾ امن ۽ ڪشمير جي اڻٿڪ حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجاي??، صدر جي تقرير دوران شهباز شريف ۽ بلاول جي موجودگي ۾ مخالف ڌر ميمبر نعريبازي ڪندا رهيا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مخالف ڌر جو ??وڙ ۽ واڪ آئوٽ معمول جي سرگرمي آهي جنهن جو مقصد ”آئون نه مڃان“ کانسواءِ ڪجهه نه آهي، مخالف ڌر هڪ ڀيرو ٻيهر قومي مفادن تي ذاتي مفادن کي ترجيح ڏني.
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن